اٿي رائو ريل

اٿي رائو ريل

اٿي رائو ريل

اٿي رائو ريل (ڪتاب): پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ ڪتاب ‘محمد موسيٰ قاسماڻي ادبي اڪيڊمي’ پاران 2008ع ۾ شايع ٿيو. ڪتاب جا موضوع سنڌي ٻولي، ادب، نثري نظم، ترجما، تنقيد ۽ لطيفيات آهن. خاص طور سنڌي نثر جي اهم موضوعن جيئن سنڌي ٻولي، نثر جي اهميت، سنڌي نثر جون اهم صنفون، ناول، ناٽڪ، افسانا، سفرناما، سوانح نگاري، لطيفيات ترجما نگاري، ادب ۾ تر جمي جي اهميت، تنقيد جو عمل، نقاد جون جوابداريون، مضمون نويسي/ مقالانگاري ۽ ٻيا اهم موضوع شامل آهن. هيءُ ڪتاب چئن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي پهريون ڀاڱو (ٻولي، ادب نثر ۽ نظم) ٻيو ڀاڱو (نثر جون اهم صنفون، تحقيقي جائزو)، ٽيون ڀاڱو (ترجما، تنقيد ۽ لطيفيات) ڀاڱو چوٿون (سوانحي، علمي ۽ ادبي مضمون) آهن، جن ۾ شمس العلماءِ، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ شيخ اياز جي خدمتن تي روشني وڌل آهي. سنڌي ادبي سنگت پاران ‘رائو ريل '>اٿي رائو ريل ’ کي 2008ع جي بهترين تنقيد ۽ تحقيق جي ڪتاب طور ليکڪا کي ايوارڊ شيلڊ ڏني وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو